جيسمين باغي

جيسمين باغي: هيءُ سدا بهار ٻوٽو آهي، جنهن ۾ ٽاريون نه ٿينديون آهن. پن گولائي تي ٻنهي ڇيڙن کان هڪ جھڙا ٿيندا آهن. هن ۾ ننڍيون ڏانڊيون جيڪي ٻه کان ڇهه سينٽي ميٽر ڊگھيون هونديون آهن. هن جو فروٽ پهرين سائو پوءِ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي. هن جو اصلي ملڪ جاپان آهي. چين ۽ هندوستان جي باغن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو. هن کي سنسڪرت ۾ گندهاراجا، هنديءَ ۾ گندهه راج ۽ انگريزيءَ ۾ ’Cap Jasmine‘ چون ٿا. هن جو مزاج گرم آهي، سنڌ ۾ به ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو